ڪڏھن تہ ھُو گُلن جا ویس پائي اسان لاء ایندي
دلربا دل دُلھن جیان سجائي اسان لاء ایندي
چُمي ڪنھن ڪات جو ڌار لھُو سندي ھُو سیج وڇاري
رت سان ریٽي بدن پاڻ ملھائي اسان لاء ایندي
غمن جي پار جا پنڌ لتاڙي نیٺ تہ ھُو پُڄڻي آ
کوڙ خوشیون سھڻي چادر ۾ لِڪائي اسان لاء ایندي
زنجیرون زیوٙر ڪري ھُو مُرڪي اچي مقتل تي بِھيندي
ڏیئي دار کي دوکو ھُو پٙڪ آھي اسان لاء ایندي
نہ لِڪندي نہ ڊِڄندي سرڪش آ سرعام ھلي ایندي
سموري جڳ سامھون ڳائي وڄائي اسان لاء ایندي
سدا نہ رھندي سادگي تي وِکریل وارن جي اُجاڙ رُت
سنواري سِینڌ پنھنجي ھُو لالي لڳائي اسان لاء ایندي
اکڙین کي ڪنھن ٻي جي اچڻ جي ڪا آس نہ آھي
ھُو جا فقط احسِن اسان جي آھي اسان لاء ایندي