رات وِڄُ ڀي آڪاش ڏاري پئي
ڪاري گھٽا اَبَرُ ھاري پئي
واءُ ۾ ڪنھن سانوريءَ جي سَارَ آ ,
اُفَق تي بادلن جي ڀَرمارَ آ .
ڇو ڏَھَرَ ۾ ٿي وڃي ڏِيئو کڻي ؟
واءُ ڪِيھُون پيو ڪري اُو بي چَئي .
اي زمانا ! گلن جي ھُٻڪارَ تہ ڏس ,
مٽي جي خشبو دل کي ڏاڍي موھي پئي.
شاعري بہ نسيم! روح کي گرمائي ٿي,
ڪونج منھنجو پيغام پھچائي پيئي.
وِڄُ رات ڀَرِ واڪا ڪري آخر ٿڪجي پئي,
ٽم ٽم ڪري برسات آخر رڪجي پئي.