سُر مومل راڻو داستان پهريون
Poet: شاہ عبداللطیف بھٹائی By: ساجد ہمید, Karachiڪالَھه گَڏِيوسُون ڪاپَڙي، بابُو بيکاري؛
سامِئَ سيلو سِرَ تي، مالا موچارِي؛
ڏيئِي ڏيکارِي، ڦَٽي دِلِ فَقِيرُ وِيو.
2
ڪالَھه گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، جَهِڙو ماهُ مُنِيرُ؛
فَيضُ، فِراقُ فَقِيرُ، جوڳِي جاڳائي وِيو.
3
ڪالَھه گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، پَهَرَ سِجَ کان پوءِ؛
پَسو سُونهَن ساميءَ جي، رَتَ وَرنو روءِ؛
جو مُنهِن مُومَلَ جي پوءِ، موٽَڻُ تَنهِن مَسَ ٿِئي.
4
ڪالَھه گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، بابُو بانَ بَرِي؛
سائِي سالَ ڪُلَهنِ ۾، سامِي سونَ سَرِي؛
خَبَرَ ڏي کرِي، ڪا مُومَلَ جي مَجازَ جي.
5
بيکارِيءَ کي بَرَ ۾، وِيو ڪَيفُ چَڙهِي؛
ڳالِهيُون ڪَندي ڪاڪِ جُون، ڳوڙها پِيَسِ ڳَڙِي؛
ڪا جا اَنگُ اَڙِي، جِئَن ڇُٽا ڦَٽَ ڇُڙِي پِيا.
6
سِجُّ سُڀاڻي جا ڪَري، سامِيءَ سائِي رُوءِ؛
اَچي ٿِي عَطُرَ جي، مَنجھان مُگَٽَ بُوءِ؛
سا ڏيکارِيَهُون جُوءِ، جِئان لاهُوتِي لَعلُ ٿيو.
7
جوڳِيءَ تي جَڙاءُ، نِسوروئِي نِينهَن جو؛
پَتَنگَ جِئَن پيدا ٿِيو، سامِي سِجَّ وَڙاءُ؛
آيو ڪاڪِ تَڙاءُ، ڪُنوارِنِ ڪَڪورِيو.
جيلر : سڀ ڪجھ جمع ڪرائي وڃڻو آ.
ڪجھ ڀي نہ ڇُپائي وڃڻو آ!
قيدي: مان ڄاڻان ٿو قانون اھو!
انگريز بهادر جو ڌڌڪو
اڄ تائين تو ۾ آ صاحب!
اي ساڳي وردي جا صاحب!
هُو گورو ھو تون ڪارو آن ،
پر اهڙو ئي هتيارو آن!
مان اڳ بہ اندر آيو هان
مان آزادي ۾ ڄايو هان
مان تو وٽ ور ور ورڻو هان
زنجير غلامي جا جيسين
هن ديس مٿان آھن تيسين
مان تنهنجي در تي ڌرڻو هان
۽ توکان مُور نہ ڏرڻو هان!
مان توکي خوب سُڃاڻان ٿو
قانون بہ تُنهنجو ڄاڻان ٿو
مون سڀڪجھ جمع ڪرايو آ
۽ تو کان ڪجھ نہ ڇُپايو آ
ها مون وٽ هڪڙي شيءِ آهي
۽ مون سا جمع ڪئي ناھي
انگريز ڊنا ها اِن شيءِ کان
۽ تُنهنجو آقا اِن شيءِ کان
ايڏو تہ ڏڪي ٿو اي صاحب
هر وقت بڪي ٿو اي صاحب
ڄڻ پنھنجي مالي خوليا ۾
تون اِن کي جمع ڪندين ڇا ۾
جا منهنجي سيني ۾ دل آ ؟
ماحول ڪئي جا بسمِل آ
۽ جنهن ۾ منهنجي ڌرتيءَ جي
ڪا تڙڦ سدائين رهڻي آ
ها مرندي تائين رهڻي آ!
گهاريَل پنهنجا ڏينهن بہ ٿورا توکي وسري ويا هوندا
مهڪيل پل ڪي پيار جا مٺڙا ۽ قول قرار ماضي جا
سي واعدا سائين سمورا توکي وسري ويا هوندا
پٽ پُراڻا ۽ خواب نِماڻا سارا وسري ويا هوندئي
۽ منهنجي ٻانهن جا هندورا توکي وسري ويا هوندا
واسيَل ساھ سمورا چاھ چِٺيون سي خالي خالي
آس چِٽيَل ڪي ڪاغذ ڪورا توکي وسري ويا هوندا
اسان کي صفا يار وساري ڇڏيو تو آهي
پلڪن جي ڪنارن تان پِنبڻيَن سان پِئيڻ
مِٺي هن مَئي نوش کي سکاري ڇڏيو تو آھي
تنهنجي بِين جي سِين تي نہ ملندي ڪڏهن
منهنجي ڀَر ۾ حياتي کي وساري ڇڏيو تو آهي
۽ اکين ۾ سُرما بہ پائڻ لڳي آهين تون هاڻي
ڇا عشق کي ايڏو جلدي ماري ڇڏيو تو آهي
وري تمنا ان ئي احسِن سان ملڻ جي نہ ڪر
هو ڱذريل اَويلو لمحو هو گذاري ڇڏيو تو آھي
هُو ٿيو لڙڪ پاڻيءَ اکين ۾ رهي ٿي
درد پيڙائُن جا ڪِٿ ٿڪا هِن سلسلا
روز ڪا نئين ڪهاڻيءَ اکين ۾ رهي ٿي
اسان جي آبرو ڪُٺي وئي انائُن وِچ ۾
اڪثر وڍيل ڪا نياڻيءَ اکين ۾ رهي ٿي
ڪي خواب ٽُٽي ٿا لڙڪ تخليق ڪن
ڪا آس ٿيو پاڻيءَ اکين ۾ رهي ٿي
بِسارت ۾ اذيَت ايڏي آ وجود کي
ڪا موسم رت هاڻيءَ اکين ۾ رهي ٿي
خواب بہ تنهنجي هجر جا ڏسان ٿو
مٺا تنهنجي موڪلاڻيءَ اکين ۾ رهي ٿي
لوڪ کان لِڪائي دل ۾ رکيم هُن کي
مگر هُو ڄاڻي واڻيءَ اکين ۾ رهي ٿي
تون ويڳاڻو ٿي وِڇڙيو هُئين هِن ڳوٺ کان
اڄ بہ احسن صُورت نِماڻيءَ اکين ۾ رهي ٿي






